پواڙي 2

پواڙي 2

پواڙي 2

پواڙي: پواڙيءَ کي انگريزيءَ ۾ Wild Safron/ Safflower، عربيءَ ۾ قرطم، هنديءَ ۾ ’ڪسم ڪي ڦول‘، گجراتيءَ ۾ ’ڪسنبو‘، فارسيءَ ۾ ’گل معصفر‘، سنسڪرت ۾ ’اگني شڪا‘، اردوءَ ۾ ’کڙ- کسم‘ ۽ پنجابيءَ ۾ ’ڪُڙ‘ چيو ويندو آهي. هن جو نباتاتي نالو Carthamus Tinetorius آهي ۽ هن جي آڪهه جو نالو Compositae/ Asleraceae آهي. هي ٻوٽو ٻن قسمن جو ٿئي ٿو. هڪ ڪنڊن وارو ٻوٽو آهي، جنهن جي گلن جو رنگ هلڪو ڳاڙهو ٿيندو آهي. ٻيو بنا ڪنڊن وارو ٿيندو آهي. هن جي گلن جو رنگ گھرو سرخ زعفراني هوندو آهي. هن ٻوٽي جو قد عموماً سوا ميٽر ٿيندو آهي. پن ڊگھا سفيديءَ مائل ۽ ڪنارا ڪٽيل ۽ ڪُنڊن وارا هوندا آهن. ڪيترين بيمارين جي علاج لاءِ مفيد آهي.: پواڙيءَ کي انگريزيءَ ۾ Wild Safron/ Safflower، عربيءَ ۾ قرطم، هنديءَ ۾ ’ڪسم ڪي ڦول‘، گجراتيءَ ۾ ’ڪسنبو‘، فارسيءَ ۾ ’گل معصفر‘، سنسڪرت ۾ ’اگني شڪا‘، اردوءَ ۾ ’کڙ- کسم‘ ۽ پنجابيءَ ۾ ’ڪُڙ‘ چيو ويندو آهي. هن جو نباتاتي نالو Carthamus Tinetorius آهي ۽ هن جي آڪهه جو نالو Compositae/ Asleraceae آهي. هي ٻوٽو ٻن قسمن جو ٿئي ٿو. هڪ ڪنڊن وارو ٻوٽو آهي، جنهن جي گلن جو رنگ هلڪو ڳاڙهو ٿيندو آهي. ٻيو بنا ڪنڊن وارو ٿيندو آهي. هن جي گلن جو رنگ گھرو سرخ زعفراني هوندو آهي. هن ٻوٽي جو قد عموماً سوا ميٽر ٿيندو آهي. پن ڊگھا سفيديءَ مائل ۽ ڪنارا ڪٽيل ۽ ڪُنڊن وارا هوندا آهن. ڪيترين بيمارين جي علاج لاءِ مفيد آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو